GuidePedia

0
Hala=EIDHI Center & Sahafion K Janb Sy Quran Khuwani

 هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ) 12 جولائي 2016
ملڪ جي عظيم انسان دوست شخصيت مرحوم عبدالستارايڌي جي روح کي ايثال ثواب رسائڻ لاءَ هالا جي ايڌي سينٽرجي عملي پاران شهدادپورچوڪ هالا وٽ قائم ايڌي سينٽر تي قرآن خواني جو اهتمام ڪيو ويوان سلسلي ۾ هالا سينٽر جي انچارج دوست علي ارباب،جاني ڏاهري،محمد حيات ڏاهري،اصغرڏاهري،صاحب خان لغاري پاران ڪرايل قرآن خواني ۾ هالا شهر جي مختلف مدرسن جي شاگردن سميت هر مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ سياسي،سماجي،مذهبي ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندي مرحوم عبدالستارايڌي جي روح کي ايثال ثواب لاءَ قرآن شريف پڙهيا جڏهن ته ٻئي طرف ڊسٽرڪٽ اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ مڊيا هالا جي آفيس ۾مرحوم عبدالستارايڌي جي روح کي ايٿال ثواب لاءَ خصوصي دعائوڻ گهريون ويون ان دعا تقريب ۾ هالا،ڀٽ شاه،کنڊو،سعيدآباد،مٽياري،کيبر،اڏيرولعل جي صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

إرسال تعليق

 
Top