GuidePedia

0
سيوهڻ ۾ گندگي خلاف احتجاج ڪيو پيو وڃي
سيوهڻ ۾ گندگي خلاف احتجاج ڪيو پيو وڃي 

سيوهڻ شريف (رپورٽر: قربان علي ڀٽي)
سيوهڻ ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا، انتظاميه ٻوٽو نه ٻاريو شهري پريشان: سيوهڻ شريف جي انيڪ محلن ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا، اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس کان غير حاضر: تعلقه ميونسپل ڪاميٽي جو ٽي ايم او به اسڪرين تان غائب، شهري شڪايت ڪرڻ لاءِ پريشان: سيوهڻ جي جان محمد ڀٽي محلا ۾ صفائي سٿرائي نه ٿيڻ خلاف رهواسين جو احتجاج، انتظاميه خلاف شديد نعريبازي: جان محمد ڀٽي محلا ۾ گذريل ڪافي عرصي کان صفائي عملو ناهي پهتو پيرل خان چانڊيو فون اٽينڊ نه ٿو (مظاهرين)

خبر موجب سيوهڻ شريف مقدس ننگري هوندي به ڌڻين کان نڌڻڪي بڻجي ويئي آهي. چونڊيل نمائيندن به شهر جي مکيه مسئلن تي غور ويچار نه ڪيو جنهن سبب حضرت قلندر لعل شهباز رحه جي عرس مبارڪ ۾ ٻاهر کان آيل قلندر جي عقيدتمندن جي واپسي کان پوءِ ٽائون ڪاميٽي سيوهڻ اندر من مستي وڌي ويئي آهي جنهن ڪري سيوهڻ جا انيڪ محلا ڪيئر ڪالوني، شهباز ڪالوني، پراڻو بس اسٽاپ، مڪراني محلا، قاضي محلا، سخي بودلا بهار محلا ۽ ٻين محلن ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن نيڪال جو گندو پاڻي رهواسين جي گهرن ۾ داخل ٿي رهيو آهي پر سيوهڻ جو اسسٽنٽ ڪمشنر موسيٰ رند توڙي ٽائون ڪاميٽي جو ٽي ايم او اعظم بروهي شهرين جي طرف ڌيان ناهي ڏنو پنهنجي مرضي مطابق هر ماهه ڪوڙا بل، ڪوڙا ترقياتي ڪم ڪاغذي ڪارروائين ۾ ڏيکاري بجيٽون هڙپڻ ۾ پورا آهن.هوڏانهن سيوهڻ جي جان محمد ڀٽي محلا ۾ رهواسين وحيد چنه، منير ٻرڙو، استاد بخت برڙو، اعجاز عمراڻي، اياز سولنگي، محمد موسيٰ سولنگي ۽ رانجهن برهماڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سيوهڻ انتظاميه خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي. هنن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته هو گندگي جي شڪايت ڪنهن سان ڪن، اسسٽنٽ ڪمشنر هروقت آفيس کان غير حاضر آهي ۽ تعلقه ميونسپل ڪاميٽي جو ٽي ايم او به اسڪرين تان غائب آهي،صفائي جي انچارج پيرل خان چانڊيو سان مليا ۽ فون تي رابطو ڪيو ته هن کين گٿا لفظ ڳالهائي فون بند ڪري ڇڏي. هنن مطالبو ڪيو آهي ته  سندن محلي ۽ سموري شهر ۾ جلد صفائي ڪري ڏني وڃي ٻي صورت ۾ صفائيءَ جا ستايل سمورا شهري روڊن تي نڪري انڊس هاءِ وي کي ڌرڻون هڻندا.

إرسال تعليق

 
Top