GuidePedia

0
Hala=Makhdom Muhasin Media Bat Cheet

 هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ) 12 جولائي 2016

ڊيموڪريٽڪ الائنس جي صوبائي اڳواڻ مخدوم محسن هالا هائوس هالا ۾ مقامي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته عبدالستارايڌي ملڪ جو هڪ وڏو اثاثو هو جنهن جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿوسگهجي،هن چيو ته غلامي ڪندڙن جو ڪو به مستقل ناهي ٿيندو ڪرپٽ ماڻهن جو احتساب ضرورٿيندوهن چيو ته سنڌ ۾ خصوصن ضلعي مٽياري کي ڪرپشن ماڪوڙي وانگر کائي رهي آهي ظلم جي انتها آهي ته ڪميشن جي ورتل پئسن مان هالا جي ماڻهن کي افطارون ڪرايون ويون آهن،مخدوم محسن چيو ته وڏيرا شروع کان ئي تپيدار ۽ ٿاڻيدارجي بدلي لاءَ پنهنجوڻ وفاداريون بدلائيندا رهندا آهن ۽ هاڻي عوام جي اصل راءَ جي خبر ايندڙ 2018 جي اليڪشن ۾ پوندي ته اصل طاقتورڪير آهي وڏيرا شاهي يا غريب ماروئڙا.هن چيو ته مڪاني چونڊن ۾ رڪارڊ ڌانڌليون ڪيون ويون هن چيو ته سال 2005 ۾ قائد ليگ سنڌڀر۾ڪامياب ٿي مٽياري ضلعي ۾ پ پ ٽڪيٽ هجڻ باوجود به ڪجهه ماڻهوضلعي مٽياري کي ڇڏي ڪري ڀڄي ويا مگر هالا هائوس هالاسميت ضلعي مٽياري جي عوام جوقدر ڪري ٿو۽ ضلعي مٽياري ۾ بدامني،بيروزگاري،ڪرپشن انتها تي آهي مگر عوام ڪنهن به حال ۾ اڪيلونه ڇڏيواٿئون ۽ نه وري اڪيلو ڇڏينداسين مخدوم محسن چيو ته ڊيموڪريٽڪ الائنس 2018 جي اليڪشن ۾ ضلعي مٽياري سميت سنڌڀر ۾ ڀرپورنموني سان اليڪشن ۾ حصو وٺندي ۽ عوام جا حق غصب ڪندڙن جو مقابلوڪندي.ان موقعي تي ساڻس گڏ گل ساريو،اعجازارباب،نوازڪماڻ سميت ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.

إرسال تعليق

 
Top