GuidePedia

0
Hala=Haji Sherf ul Din Memon K Wafat P Un K Wursa Sy  Taziat Kerty.

14 جولائي 2016
هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ
..هالا جي معززشخصيت،بصرجووڏوواپاري ۽ عارباڻي برادري جو اڳواڻ حاجي شرف الدين عارباڻي عرف حاجي شرفوميمڻ ڪافي عرصو بيماررهڻ بعد گذريل راتجو دير سان هن فاني دنيامان لاڏاڻون ڪري ويومرحوم جي جنازي نماز درگاهه شريف تي ادا ڪئي ويئي جنهن ۾ سنڌڀر سان تعلق رکندڙبصرجي واپارين سميت مختلف علائقن جي معززين تمام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي مرحوم جي ميت کي سندس اباڻي قبرستان هالا ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.ان سلسلي ۾ مرحوم جو تڏو ساٽي امام بارگاهه هالا ۾ وڇايوويو آهي جتي هالا سميت ضلعي ڀر جي مختلف برادرين جي معززين سندس پٽن ماسترمولابخش عرف مولانوميمڻ،امان الله ميمڻ،شاهد احمد ميمڻ،ڀائيٽي رحمت الله عارباڻي ميمڻ ڀاءُ رٽائرڊ استاد يارمحمد ميمڻ سان حاجي شرف الدين (عارباڻي) ميمڻ جي وفات تي ساڻن تعزيت ڪندي مرحوم جي مغفرت لاءَ خصوصي دعائون پڻ گهريون                                    

إرسال تعليق

 
Top