GuidePedia

0
سيوهڻ شريف مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل اسپتال ۾ پيل
سيوهڻ شريف مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل اسپتال ۾ پيل

سيوهڻ شريف (رپورٽر: قربان علي ڀٽي)

سيوهڻ ڀرسان تيزرفتار مسافر وين جو اچانڪ ٽائر برسٽ ٿي پيو: وين ڪلٽيون کائيندي روڊ تان هيٺ ڪري پئي، نتيجي ۾ معصوم ٻارن، عورتن سميت 16 ڄڻا شديد زخمي، هڪ حاملا عورت اسپتال ۾ فوت: سمورن زخمين کي تعلقه اسپتال سيوهڻ ۽ ڀان آندو ويو:

خبر موجب سيوهڻ ڀرسان تيزرفتار مسافر وين ميھڙ کان حيدرآباد ويندي ڀلائي موڙ وٽ اچانڪ ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي. جنھن جي نتيجي ۾ مسمات فريده ڪنڀر، مسمات شان خاتون، مسمات بلقيس، ميهڙ جي مسمات فريدان ڪنڀر، مسمات ساجدان، مسمات شمشاد، مسمات نظيران، محمد ملوڪ، فداحسين، محمد رضا ڪنڀر، غلام مصطفيٰ، محمد خان لنڊ، اظھر علي، ذوالفقار ۽ غلام حسين چنه 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين مان 12 ڄڻن کي تعلقه اسپتال سيوهڻ آندو ويو جڏهن ته ٽن زخمين کي ڀان ٽائون جي اسپتال روانو ڪيو ويو. هوڏانهن سيوهڻ اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ زخمين جي جان وڃائي ڇڏي مسمات فريدان حاملا عورت سيوهڻ اسپتال ۾ زخمن جا تاب نه سهندي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويئي. مسافرن صحافين ٻڌايو ته تعلقه اسپتال ۾ بهتر سهولت نه ته ناهي پر عملو به ناڪاره آهي جنهن سان گڏ ڪافي نامعلوم ماڻهون به زخمين جا کيسا ماپيندا رهيا ۽ سندن کيسن مان پئسا، موبائيلون ۽ شناختي ڪارڊ به ٻهاري ويا. تعلقه اسپتال ۾ سي سي ٽي وي ڪيئمرا شوپيس وانگر لڳل آهن جنهن جو حڪومت ۽ ضلع انتظاميه کي نوٽيس وٺڻ گهرجي.

إرسال تعليق

 
Top