22جولائي
2016
هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)
سومرا محلي ۾ ڀت جي ماپ تان جهيڙو سومرا برادري جي
ٻن ڌرين ۾ جهيڙو جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين
پاران هڪٻئي تي لٺين ۽ ڪهاڙين جي آزادانه
استعمال سبب ٽن عورتن، حميدان، فرزانه، مومل سومرو سميت ٻنهي ڌرين جا پندرنهن کان
مٿي ماڻهو هر هڪ مقبول سومرو، نواز، سدهير، راجا، گلزار، خادم، روشن، محمد بچل،
شوڪت، احمدخان، حسين بخش، خداڏنو، مولابخش، ممتاز، عابد، ابراهيم، طارق ۽ ٻيا سخت
زخمي ٿي پيا، واقعي جي اطلاع هالا پوليس فوري طور تي پهچي جهيڙي تي ڪنٽرول ڪري
زخمين کي تعلقه اسپتال هالا پهچايو جتي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد اسپتال ۾
سهولتون نه هئڻ سبب ڏهه کان مٿي زخمين کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جڏهن
ته مذڪوره جهيڙي جي زخمي ٿيل سدهير سومري مقامي صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايوته
سندن گهرجي ديوارجنهن جي اڏاوت جو فيصلو مخدوم فضل وٽ هلندڙ هو ۽ مخدوم فضل پاران
اماڻيل سندس مئنيجرگل ساريو پاران جاءَ جي ڏسڻ لاءَ پهتو جنهن سندن مخالفن کي ڏوهي
قرارڏنو جنهن جي موجودگي تي سندس مخالف پوليس اهلڪار وردي جو ناجائز فائدو وٺندي
پوليس اهلڪار حسين ۽ سندس رشتيدارجمعدار احمد،ماسترشوڪت ۽ سندس پٽن سندن گهر۾
زوريءَ گهڙي سندن عورتن،معصوم ٻارن سميت ٻين ٻين رشتيدارن تي حملو ڪندي مٿن سخت
تشدد ڪندي کين شديد زخمي ڪري ورتو. جڏهن
ته ايس ايڇ او هالا عبدالله ٻرڙو واقعي جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ٻنهي ڌرين ۾ ڪافي
وقت کان ديوارجي اڏاوت تان تڪرار هلندڙ آهي جڏهن ته هڪ ڌر پاران اڄ پلاٽ تي ڀت
ڪڍرائڻ تان جهيڙو ٿي پيو جنهن سبب پندرنهن کان مٿي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، هن
ٻڌايو ته ٻنهي ڌرين جي خلاف هالا ٿاڻي تي جهيڙي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو،
إرسال تعليق