GuidePedia

0
سيوهڻ شريف ۾ ڀان جا تهمينا حاملا عورت جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪندي ٻئي پاسي تهمينا ناري جو فائيل فوٽو

سيوهڻ شريف (رپورٽ قربان علي ڀٽي)
ڀان سيدآباد جي رهواسين کي ڀان پوليس انصاف نه ڏياري سگهي: ڀان جي رهواسين پاران اي ايس پي سيوهڻ آفيس آڏو ٻارن ٻچن ۽ عورتن سميت احتجاجي مظاهرو: ڌرڻون هڻي قاتلن جي گرفتاري لاءِ شديد نعريبازي ڪئي: اسان جي معصوم نياڻي کي بي دردي سان قتل ڪيو ويو آهي ڪيس داخل ٿيڻ باوجود ڀان پوليس جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي: مظاهرين جون دانهون:
خبر موجب سيوهڻ جي سڀ کان وڏي آبادي واري شهر ڀان سيدآباد جي رهواسين پاران غلام سرور چنه، محمد عثمان چنه، خادم حسين چنه، محمد اعظم چنه، نظام چنه، محمد صالح چنه ۽ محمد رمضان پنهور جي اڳواڻي عورتن ۽ ٻارن سميت اي ايس پي سيوهڻ آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻون هنيو، ان موقعي تي متاثر مظاهرين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته سندن معصوم نياڻي تهمينا جي شادي 3 سال اڳ محمد جعفر چنه سان ٿي هئي جنهن بعد عيد جي ٻئي ڏينهن تي تهمينا جو لاش تشدد شده حالت ۾ اسپتال ۾ داخل مليو، جنهن کي سندس ساهرا بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ جو چئي لاش اسان جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جي قتل جو ڪيس ڀان ٿاڻي تي داخل آهي پر ان باوجود پوليس قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪوبه قدم ناهي کنيو. هنن چيو ته سندن نياڻي جيڪا 7 مهينن جي حاملا پڻ هئي ان کي بي دردي سان قتل ڪندڙ قاتل بااثر آهن جنهن ڪري پوليس کين ۾ هٿ وجهڻ کان ڊڄي پئي. هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، ايس ايس پي ڄامشورو، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته سندن نياڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي بنادير گرفتار ڪري کين سزا ڏني وڃي ۽ کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.




إرسال تعليق

 
Top