21 جولائي 2016
هالا(رپورٽ عبدالغفورميمڻ)
ينگ هندو ويلفيئر ائسوسئيشن جو
اهم اجلاس هندو پئنچائت هالا ۾ زير صدارت مهيش مل جي ٿي
گذريو جنهن ۾ ڪرشن چند، او پرڪاش، رميش مل، رويوا چند، ديوان نريش ڪمار ۽ هند و
برادري جي نوجوانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ينگ هندو ويلفيئر ائسوسئيشن جي
صدر مهيش مل صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شهداد پور ۾ واقع هندو مذهب جي پويتر
آستاني سوائي جي گادي تي جنهن گرو کي ويهاريو ويو آهي ان کي گادي جي تقدس جو ڪوبه
خيال نه آهي، هن چيو ته پويتر آستانو سوائي جيڪو سنڌ توڙي هند ۾ قديمي عبادتگاهه
طور مشهور آهي جنهن جا لکين معتقد پڻ آهن ان جي گادي جو گرو اسان جي عبادتگاهه
واري جاءِ تي منشيات، شراب نوشي ۽ ٻيا غيرقانوني ۽ غيراخلاقي عمل ڪري رهيو آهي
جنهن سبب هندو ڀائر پنهنجي مقدس عبادت واري جاءِ تي عبادت ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه
آهن، هن چيو ته سوائي جي ملڪيت پڻ ذاتي استعمال ۾ آندي پئي وڃي، جئه سوائي جي نالي
تي غريب اٻوجهه هندو ڀائرن کي مختلف طريقن سان بليڪ ميل ڪري ڦريو ۽ لٽيو پيو وڃي
جنهن سبب سوائي تي ويندڙ هندو ڀائرن جون عزتون توڙي دولت محفوظ نه آهي، پاڻ کي
خدساخته سوائي جا خادم سڏرائيندڙ هروقت نشي ۾ غلط عمل سان هوندا آهن جنهن سبب
پويتر آستاني سوائي تي ايندڙ هزارين معتقدن کي دلي ڏک پهچي ٿو، هنن وفاقي توڙي سنڌ
حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هو ان عمل جو نوٽيس وٺي غلط ماڻهن کي هٽائي سوائي جي گادي
تي حقيقي ماڻهن کي ويهاري هندو ڀائرن کي مالي توڙي اخلاقي تحفظ فراهم ڪن، ۽ هنن
سموري سنڌ جي هندو برادري کي پڻ اپيل ڪئي ته هو پڻ هن مسئلي جو سنجيدگي سان نوٽيس
وٺن ۽ ڪنوينشن ڪوٺائي هن مسئلي جو متفقه مثبت حل ڪڍن
إرسال تعليق