GuidePedia

0
سيوهڻ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل نوجوان اسپتال ۾ پيل
سيوهڻ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل نوجوان اسپتال ۾ پيل


سيوهڻ شريف (رپورٽر: قربان علي ڀٽي)
سيوهڻ جي ڌمال چونڪ تي روڊ حادثو: تيزرفتار چنگچي رڪشا ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر: ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو سخت زخمي، تعلقه اسپتال داخل:

خبر موجب سيوهڻ جي ڌمال چونڪ وٽ تيز رفتار چنگچي رڪشا ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن ٽڪر جي نتيجي ۾ 25 ورهين جو شاهد علي برهماڻي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي آسپاس وارن تعلقه اسپتال سيوهڻ پهچايو جتي کيس طبي امداد ڏئي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. ڊاڪٽرن موجب زخمي همراه جي ٽنگ ۽ ٻانهن شديد متاثر ٿي آهي جيڪي فريڪچر سبب ڀڄي پيون آهن.

إرسال تعليق

 
Top