GuidePedia

0
PTI Chairmen Imran Khan Media Talk News Online Sindhi News

اسلام ڳڙهه (آن لائين سنڌي نيوز) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته اسان جي جمهوريت کي فوج مان ڪو به خطرو ناهي، جمهوريت کي نواز شريف جي آمريت مان خطرو آهي، ترڪي ۾ جمهوري حڪومت کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته عوام روڊن تي نڪري آيو، ڇو ته اتي ترقي ٿي ۽ يونيورسٽيون ٺهيون ۽ جڏهن فوج جمهوري حڪومت کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته عوام به روڊن تي نڪري آيو، جيڪڏهن پاڪستان ۾ فوج اچي وڃي ته ماڻهو مٺايون ورهائيندا ۽ خوشيون ملهائيندا، نواز شريف ٽن سالن ۾ ملڪ تي 6 هزار ارب رپين جو قرض چاڙهيو، آزاد ڪشمير جي اسلام ڳڙهه واري علائقي ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته جمهوريت جي نالي تي ملڪ کي لٽيو پيو وڃي، جمهوريت جي نالي تي بادشاهت قائم ڪئي پئي وڃي، ادارا تباهه ڪيا پيا وڃن، جڏهن نواز شريف ٻاهرين ملڪ وڃي ٿو ته ان جي ڌيءُ شهزادي مريم نواز ان جي جاءِ تي اچي وڃي ٿي ۽ جڏهن شهباز شريف ٻاهر وڃي ٿو ته ان جو پٽ چيف منسٽر بڻجي وڃي ٿو، قوم نواز شريف کان حساب وٺي ٿي ته هو جواب ڏيڻ بدران اپوزيشن کي خريد ڪرڻ شروع ڪري ٿو ۽ جڏهن اپوزيشن اهو سوال ڪري ٿي ته توهان جي ٻارڙن جي اربين رپين جي اثاثن لاءِ پئسا ڪٿان آيا ته هو جواب ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، اها جمهوريت ناهي، اهو ڪم حسني مبارڪ، ڪرنل قذافي ۽ صدام حسين ڪندا هئا، ٽنهي جا ٻار ارب پتي هئا پر جواب نه ڏيندا هئا پر برطانيا جي وزيراعظم جواب ڏنو، آئرلينڊ جي وزيراعظم جواب نه ڏنو ته ان کي ٻاهر ڪڍيو ويو، وزيراعظم نواز شريف جيڪڏهن جمهوري هجي ها ته پارليامينٽ سامهون جواب ڏئي ها، جتي اسان جي اڌ آبادي غربت ۾ زندگي گهاري رهي آهي، ان ملڪ جي ٽيڪس جي پئسن مان 777 بوئنگ جهاز اربين رپين جو نقصان ڪري بادشاهه سلامت کي وٺڻ وڃي ٿو، 50 ڪروڙ رپين جي خرچ سان رائيونڊ محل جي چوڌاري بلٽ پروف ڀت ٺهي رهي آهي، اهي پئسا عوام جا آهن، وزيراعظم لاءِ ساڍا 12 سئو پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، اهو سمورو پئسو عوام جو آهي، اهو سڀ برطانيا ۾ نه ٿيندو آهي، برطانيا جو وزيراعظم پنهنجو سامان کڻي پاڻ هليو ويو، اها ئي جمهوريت آهي، جنهن جو قدر ٿئي ٿو، ماڻهو ان لاءِ ٽيڪس ڏين ٿا، دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ خيرات ڏيندڙ قوم ٽيڪس ان ڪري نه ٿي ڏئي، ڇاڪاڻ ته انهن پئسن مان هي مغل اعظم وانگر رهن ٿا، ڪهڙي جمهوري ملڪ ۾ ماڊل ٽائون اندر بيگناهه ماڻهن مٿان گوليون هلائي 14 ماڻهن کي قتل ڪيو وڃي ٿو، عورتن کي گوليون هنيون وڃن ٿيون پر ڪنهن کي به نه ٿو پڪڙيو وڃي، رنجيت سنگهه کانپوءِ نواز شريف پنجاب ۾ حڪومت ڪئي آهي پر چيڪ اپ ڪرائڻ لاءِ به پاڪستان ۾ اسپتال نه ٺهرائي آهي، نيب ان جي هيٺان آهي، ڪهڙي جمهوريت ۾ اهو ٿيندو آهي ته نواز شريف مٿان 13 ڪيس آهن پر نيب کيس ڪيئن پڪڙيندي، جڏهن نيب ۾ ان پنهنجو چمچو ويهاريو آهي، اسحاق ڊار حلفيه بيان ۾ چيو ته مان نواز شريف لاءِ مني لانڊرنگ ڪريان ٿو، نيب ڇو نه ان خلاف ڪارروائي ڪئي، اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ڪو پنهنجو ملازم رکي ۽ اهو ئي ان جو احتساب ڪري؟

إرسال تعليق

 
Top