سيوهڻ شريف (رپورٽر: قربان علي ڀٽي)
ڀٽ شاهه جي سينيئر صحافي غلام قاسم پلال جي معصوم نينگر سان
بدفعلي خلاف سيوهڻ ۾ احتجاج: سنڌ پريس ڪلب سيوهڻ شريف جي صحافين پاران جوابدار کي
سخت کان سخت سزا ڏيارڻ جو مطالبو:
تفصيل موجب ڀٽ شاهه پريس ڪلب جي
عهديدار ۽ سينيئر صحافي غلام قاسم پلال جي معصوم نينگر سفير حسين پلال کي اغوا ڪري
تشدد ڪندڙ بدڪردار جوابدار کي سزا نه ڏيئڻ خلاف سنڌ پريس ڪلب سيوهڻ شريف جي صحافين
پاران صدر قربان علي ڀٽي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻون هنيون. ان موقعي تي
صحافين ڳالهائيندي چيو ته سنڌ اندر صحافين سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ ويساه گهاتين تي حڪومت
سنڌ ڪوبه قدم ناهي کنيو جنهن ڪري صحافين جي زندگي خطري ۾ پيل آهي. سيوهڻ جي صحافين
مطالبو ڪيو آهي ته ڀٽ شاه پريس ڪلب جي عهديدار ۽ سينيئر صحافي جي نينگر سان بدفعلي
ڪندڙ جوابدار کي فوري طور گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو
دائرو وسيع ڪري سموري سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.
إرسال تعليق